انعام سورة

انعام، سورة: قرآن مجيد جي ڇهين سورة، جيڪا مڪي ۾ نازل ٿي، جنهن ۾ 165 آيتون آهن. هن سورة ۾ ايمان جي اهم نڪتن، توحيد، قيامت جي ڏينهن ۽ جزا سزا جو بيان آهي. زمين ۽ آسمان ۾ الله تعاليٰ جي قدرت جا جيڪي ڪرشما نظر اچن ٿا، انهن ڏانهن انسان جو ڌيان ڇڪايو ويو آهي ۽ قديم قومن جون حالتون ٻڌائي، نيڪيءَ ۽ بديءَ جا نتيجا ظاهر ڪيا ويا آهن، ان کان سواءِ حلال ۽ حرام شين جي باري ۾ تفصيل سان ٻڌايو ويو آهي ۽ چوپائي مال جي باري ۾ مشرڪن جا جيڪي غلط رايا هئا تن جي مذمت ڪيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو